ٽڪ ٽاڪر شمشو بي بي عرف عائشه جي قتل جا اهم تفصيل سامهون اچي ويا

ٽڪ ٽاڪر شمشو بي بي عرف عائشه جي قتل واري واقعي جا اهم تفصيل سامهون اچي ويا آهن. مقتولا جي والد ڪوثر ۽ جاويد عرف شاهين نالي ٻن ڄڻن تي مالي معاملن ۽ مبينا ڌمڪين جا الزام لڳايا آهن.

پوليس موجب شمشو بي بي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، جڏهن ته حملي دوران سندس 15 ورهين جي ڀيڻ عاصمه سخت زخمي ٿي پئي. واقعي جو ڪيس داخل ڪري مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پوليس شڪايت موجب 14 آگسٽ تي شمشو بي بي کي ڪاشف عرف ڪاشي نالي شخص طرفان مبينا طور فون ڪال آئي، جنهن ۾ کيس فوري طور گهر کان ٻاهر اچڻ لاءِ چيو ويو.ان کان پوءِ شمشو بي بي پنهنجي 15 ورهين جي ڀيڻ عاصمه ۽ ڀاءُ نعمت الله سان گڏ گاڏي ۾ گهران رواني ٿي. ڪجهه ئي دير کان پوءِ پيٽرول پمپ ڀرسان موٽرسائيڪل سوار ٻن نامعلوم ماڻهن سندن گاڏي تي فائرنگ ڪري ڇڏي.
فائرنگ دوران هڪ گولي شمشو بي بي جي ڳچيءَ ۾ لڳي، جنهن سبب هوءَ موقعي تي ئي فوت ٿي وئي. فائرنگ کان پوءِ گاڏي بي قابو ٿي ٻي گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس 15 ورهين جي ڀيڻ عاصمه پڻ سخت زخمي ٿي پئي.
پوليس واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهي آهي ۽ قتل جي سببن ۽ ملوث جوابدارن بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.