مسلم ليگ ن سان اختلافن کانپوءِ پيپلز پارٽي جا اپوزيشن سان رابطا تيز

مسلم ليگ ن سان اختلافن ۾ واڌ کانپوءِ پيپلز پارٽي اپوزيشن سان رابطا وڌائي ڇڏيا آهن.ذريعن موجب پيپلز پارٽي جو وفد اڄ قومي اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ پارلياماني صورتحال سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ٿينديون.ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت پارٽي جي پاليسي واضح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هو قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران ان حوالي سان پارٽي جو موقف پيش ڪندو.بلاول ڀٽو آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو جي قومي اسيمبلي واري تقرير جا اهم نقطا حتمي ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي سمورن ميمبرن کي اجلاس ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.