بحري ڳاڙهي سمنڊ ۾ يمني حوثي باغين پاران واپاري سامونڊي جهاز تي ڪيل حملي ۾ مارجي ويل ٻن پاڪستانين جا لاش وطن واپس پهچي ويا آهن، جڏهن ته زخمي ٿيل عملي جي ميمبرن کي پڻ پاڪستان منتقل ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب حوثي باغين جي حملي جو نشانو بڻيل سامونڊي جهاز جي پاڪستاني عملي ۾ شامل فوت ٿيل ماڻهن جا لاش سعودي ايئرلائن جي پرواز 700 ذريعي جدي کان ڪراچي ايئرپورٽ پهچايا ويا.
فوت ٿيلن ۾ لانڍي سان تعلق رکندڙ عمير افضل ۽ منزل پمپ واري علائقي سان تعلق رکندڙ محمد اڪرم شامل آهن.
حملي ۾ زخمي ٿيل عملي جي ميمبرن عابد علي، محمد رضوان ۽ محمد وحيد کي پي آءِ اي جي پرواز پي ڪي 762 ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويو.
ايئرپورٽ ذريعن موجب سعودي سفارتخاني ۽ حڪومت پاڪستان جي اعليٰ اختيارين ڪراچي ايئرپورٽ تي فوت ٿيلن جي لاشن ۽ زخمين کي وصول ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي ۾ زخمي ٿيل ڪجهه ٻين ماڻهن کي علاج ۽ ٻين ضروري انتظامن لاءِ اسلام آباد ايئرپورٽ پڻ منتقل ڪيو ويو آهي.