سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ مڪي دفاعي معاهدو خطي لاءِ نئين بنياد بڻجي ويو

معروف عالمي جريدن موجب سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ ٿيل ’مڪي گڏيل دفاعي معاهدو‘ خطي جي دفاع لاءِ نئين بنياد رکي ڇڏي آهي.بلومبرگ ۽ آذربائيجان جي جريدي ڪاليبر جي رپورٽن موجب معاهدو خطي جي اهم طاقتن کي گڏيل دفاعي فريم ورڪ ۾ ڳنڍي ٿو، جنهن تحت بنيادي اصول اهو آهي ته هڪ ملڪ تي حملو سڀني تي حملو تصور ڪيو ويندو.
پورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اهو معاهدو ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته خطي جي ملڪن کي هاڻي نون ساٿين ۽ نئين علائقائي صف بندين جي ضرورت آهي.ڪاليبر موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به معاهدي جي آجيان ڪئي آهي ۽ ان کي وچ اوڀر جي ملڪن جي دفاعي صلاحيت بهتر بڻائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي.بلومبرگ جو چوڻ آهي ته معاهدي جو بنيادي مقصد علائقائي نظام ۾ موجوده انتشار کي روڪڻ آهي.
ڪاليبر پنهنجي تجزيي ۾ پاڪستان جي جوهري صلاحيت ۽ افرادي قوت کي معاهدي لاءِ اهم دفاعي طاقت قرار ڏنو آهي. جريدي موجب اهو معاهدو پاڪستان جي خطي ۾ امن جي ضامن ۽ فعال سيڪيورٽي فراهم ڪندڙ طور وڌندڙ ڪردار کي ظاهر ڪري ٿو.