ڪينيڊا جي شهر ايڊمنٽن ۾ گردواري تي حملي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ريسڪيو اختيارين اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊين پوليس جو چوڻ آهي ته ايڊمنٽن ۾ سِک گردواري تي حملو ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب زخمين جي عمر 75 ۽ 51 سال آهي ۽ ٻنهي جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. ڪينيڊين پوليس جي هيٽ ڪرائمز يونٽ پڻ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.گردواري انتظاميا موجب حملو ڪندڙ پهريان مذهبي اڳواڻ ۽ پوءِ هڪ عمر رسيده رضاڪار کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.پوليس واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته حملي جي سببن بابت وڌيڪ تفصيل سامهون اچڻا آهن.