پاڪستان رينجرز پنجاب ۾ 964 نوڪريون، سڄي ملڪ جا نوجوان اپلاءِ ڪري سگهن ٿا

پاڪستان رينجرز پنجاب طرفان مختلف پوسٽن تي 964 نوڪرين لاءِ سڄي ملڪ مان نوجوانن کان درخواستون طلب ڪيون ويون آهن.

انهن نوڪرين ۾ سپاهي جنرل ڊيوٽي (گريڊ 5) جون پوسٽون شامل آهن. ڪامياب اميدوارن کي پگهار سان گڏ راشن الائونس ۽ وفاقي حڪومت طرفان مقرر ڪيل ٻيون مراعتون پڻ ڏنيون وينديون.

مجموعي پوسٽن مان 72 سيٽون ميرٽ تي رکيل آهن، جڏهن ته پنجاب جي اميدوارن لاءِ 50 سيڪڙو يعني 482 سيٽون مختص ڪيون ويون آهن. باقي سيٽون سنڌ شهري ۽ ٻهراڙي، خيبر پختونخوا، بلوچستان، اڳوڻي فاٽا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي اميدوارن لاءِ مخصوص آهن. اقليتن لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا پڻ رکيو ويو آهي.

اميدوار 17 کان 26 آگسٽ تائين پاڪستان رينجرز پنجاب جي ويب سائيٽ ذريعي آن لائن رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا. رجسٽريشن کان پوءِ اميدوار پنهنجي چونڊيل رجسٽريشن سينٽر تي سلپ ۾ ڏنل تاريخ تي صبح 8 وڳي طبي معائني، جسماني ۽ لکت واري ٽيسٽ لاءِ حاضر ٿيندا.