ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل آئي فون ايڪس کي پنهنجي پراڊڪٽ سپورٽ پاليسي جي سڀ کان محدود درجي ’آبسوليٽ‘ (Obsolete) ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. ان فيصلي کانپوءِ ايپل ۽ ان جا مجاز سروس سينٽر هن ڊوائيس لاءِ عام طور تي سرڪاري هارڊويئر مرمت ۽ متبادل پرزا فراهم نه ڪندا.رپورٽن موجب ايپل جي سپورٽ دستاويزن ۾ آئي فون ايڪس کي هاڻي ’آبسوليٽ‘ قرار ڏنو ويو آهي. ان جو مطلب آهي ته خراب اسڪرين، بيٽري يا چارجنگ پورٽ جهڙن مسئلن جي صورت ۾ صارفين کي سرڪاري ايپل مرمت حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي سگهي ٿي.ايپل عام طور تي ڪنهن پراڊڪٽ جي آخري وڪري کان ستن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ کانپوءِ ان کي ’آبسوليٽ‘ قرار ڏيندي آهي، جڏهن ته حتمي فيصلو ڪمپني پاڻ ڪندي آهي. آئي فون ايڪس نومبر 2017 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ سيپٽمبر 2018 ۾ ان جي وڪري کي بند ڪيو ويو هو.’آبسوليٽ‘ اسٽيٽس ايپل جي ’ونٽيج‘ درجي کان وڌيڪ سخت آهي. ونٽيج ڊوائيسز جي مرمت ڪجهه حالتن ۾ گهربل پرزن جي دستيابي جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿي.
آئي فون ايڪس ڇو اهم هو؟ئي فون ايڪس ايپل جي اسمارٽ فون ڊيزائن ۾ هڪ وڏي تبديلي متعارف ڪرائي هئي. هي ايپل جو پهريون آئي فون هو جنهن ۾ فيس آءِ ڊي ۽ OLED ڊسپلي شامل ڪيا ويا. ان سان گڏ روايتي هوم بٽڻ ۽ ٽچ آءِ ڊي ختم ڪري لڳ ڀڳ ڪنڊ کان ڪنڊ تائين پکڙيل نوچ ڊسپلي متعارف ڪرايو ويو.
