تامل ناڊو ايڪسپريس مان عورت جو لاش هٿ، چنائي کان اوڊيشا تائين قتل جي جاچ

ڀارت ۾ تامل ناڊو ايڪسپريس جي جنرل ڪوچ مان سوٽ ڪيس اندر عورت جو لاش ملڻ واري واقعي کانپوءِ ڇرڪائيندڙ قتل جي جاچ چنائي، آگرا ۽ اوڊيشا تائين پکڙجي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب 5 آگسٽ تي آگرا ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تي ريلوي عملي کي ٽرين جي جنرل ڪوچ مان هڪ لاوارث ڳاڙهو ٽرالي بيگ مليو. بيگ کولڻ تي ان مان هڪ عورت جو مسخ ٿيل لاش هٿ آيو، جنهن کانپوءِ ريلوي پوليس جاچ شروع ڪئي.چنائي سينٽرل ريلوي اسٽيشن جي سي سي ٽي وي فوٽيج جي جائزي دوران مبينا طور معلوم ٿيو ته 3 آگسٽ جي رات هڪ نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪرو ساڳئي قسم جو ڳاڙهو سوٽ ڪيس کڻي دهلي ويندڙ ٽرين ۾ سوار ٿيا هئا.پوليس چنائي جي علائقي گڊوونچيري ۾ هڪ ڪرائي جي گهر تي ڇاپو هنيو، جتان مقتولا جي جسم جا ٻيا حصا پڻ هٿ ڪيا ويا.پوليس موجب مقتولا جي سڃاڻپ 38 ورهين جي ايڇ نيشا طور ٿي آهي، جيڪا اوڊيشا جي ضلع جگت سنگھ پور سان تعلق رکندڙ ۽ چنائي جي هڪ خانگي ڪمپني ۾ ملازمت ڪندي هئي.رپورٽن موجب پوليس گهر ۾ رهندڙ مانڪ الدين لشڪر ۽ ڀگوبتي مانجهي کي مرڪزي جوابدار قرار ڏنو آهي. ٻئي واقعي کانپوءِ مبينا طور فرار آهن. تامل ناڊو پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون اوڊيشا روانيون ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته آر پي ايف، جي آر پي ۽ مقامي پوليس گڏيل طور جاچ ڪري رهيا آهن.