ڀارت جي شهر ممبئي ۾ پوليس ڪرڪيٽ ميچ دوران ايل بي ڊبليو آئوٽ ڏيڻ تي امپائر تي مبينا طور ڪرڪيٽ بيٽ سان حملو ڪندڙ 55 ورهين جي شخص کي 36 سالن کانپوءِ گرفتار ڪري ورتو آهي.پوليس موجب واقعو 1990ع ۾ بوريولي ۾ ٿيندڙ هڪ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ دوران پيش آيو هو. ميچ دوران اوم پرڪاش پاسي نالي بيٽسمين کي امپائر ايل بي ڊبليو آئوٽ قرار ڏنو، جنهن تي بيٽسمين سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويو.رپورٽ موجب آئوٽ جي فيصلي تي بيٽسمين امپائر سان بحث شروع ڪيو ۽ ڪجهه ئي دير کانپوءِ مبينا طور ڪرڪيٽ بيٽ سان امپائر جي مٿي تي حملو ڪري ڇڏيو. واقعي کانپوءِ جوابدار مبينا طور تي موقعي تان فرار ٿي ويو ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پوليس جي گرفت کان ٻاهر رهيو.پوليس طرفان جوابدار جي ڳولا جاري رکي وئي، پر ڊگهي عرصي تائين سندس ڪو پتو نه پئجي سگهيو. 36 سالن کانپوءِ پوليس کي جوابدار بابت اهم معلومات ملي، جنهن جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي کيس گرفتار ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي آهي. ڪرڪيٽ جي هڪ فيصلي تي ڪاوڙ ۾ مبينا طور تشدد ڪندڙ شخص آخرڪار ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ قانون جي گرفت ۾ اچي ويو.هن واقعي هڪ ڀيرو ٻيهر ظاهر ڪيو آهي ته راندين دوران غصي ۽ جذبات تي ضابطو نه رکڻ جا سنگين نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا.
