پمز اسپتال اسلام آباد جي نرسري ۾ گذريل ڏينهن ٿيل خوفناڪ باهه بابت فائر بريگيڊ جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ اسپتال جي حفاظتي انتظامن بابت اهم سوال اٿاريا ويا آهن. رپورٽ موجب اسپتال ۾ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل حفاظتي انتظام موجود نه هئا.فائر بريگيڊ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايمرجنسي جا داخلا ۽ نڪرڻ وارا رستا بند هئا، جنهن سبب ريسڪيو ڪارروائي دوران ڏکيائيون پيش آيون. رپورٽ موجب باهه لڳڻ جي اطلاع ملڻ کان تقريباً 6 منٽن کانپوءِ فائر بريگيڊ جون ٽيمون پمز اسپتال پهتيون ته واقعي واري هنڌ تي تمام گهڻو دونهون موجود هو.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسپتال جي سيڪيورٽي عملي ريسڪيو ٽيمن جي رستي ۾ رڪاوٽ وڌي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تي غير معمولي رش پڻ موجود هئي. فائر بريگيڊ رپورٽ ۾ سامهون آيل تفصيلن متاثر والدين جي انهن بيانن کي هٿي ڏني آهي، جن ۾ هنن اسپتال جي حفاظتي انتظامن ۽ ريسڪيو ڪارروائي بابت سوال اٿاريا هئا.ٻئي طرف پمز اسپتال انتظاميا واقعي جي جاچ لاءِ پنج رڪني تحقيقاتي ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي آهي. انتظاميا موجب ڪميٽي کي مڪمل جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ 48 ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويو آهي.پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر رانا عمران سڪندر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هر ڪم ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر کي پاڻ نه ڪرڻو هوندو آهي، پر سندس بنيادي ذميواري نگراني ڪرڻ هوندي آهي. هن چيو ته هن پنهنجو ڪم صحيح نموني ڪيو آهي.صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي رانا عمران سڪندر چيو ته هو هن وقت صدمي مان گذري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته پهريان جاچ مڪمل ٿيڻ ڏني وڃي، ان کانپوءِ ڪنهن تي الزام لڳايا وڃن.
