سکر: صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر احمد علي قريشي جو سينٽرل جيل جو دورو، قيدين جي سهولتن جو جائزو

سکر ( رپورٽ): صوبائي محتسب سنڌ سکر جي ريجنل ڊائريڪٽر احمد علي قريشي سينٽرل جيل ۽ اصلاح گهر سکر جو تفصيلي دورو ڪيو، جتي هن قيدين کي سنڌ جيل مينوئل موجب فراهم ڪيل طبي سهولتن، کاڌي پيتي، صفائي سٿرائي، رهائش ۽ عدالتي پيشين جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو.
دوري دوران هن جيل اسپتال، دستڪاري مرڪز، مختلف بيرڪن، سيلز ۽ ايڊمن بلاڪ جو معائنو ڪيو. ڪجهه بيرڪن جي خسته حالي جو نوٽيس وٺندي هن لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور مرمت ۽ سار سنڀال جون هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته قيدين جي بنيادي حقن جو پورو خيال رکيو وڃي ۽ کين قانوني سهولتن جي فراهمي هر حال ۾ يقيني بڻائي وڃي.
سينٽرل جيل جي سپرنٽينڊنٽ امتياز کين تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سينٽرل جيل سکر 32 بيرڪن ۽ 267 سيلز تي ٻڌل آهي، جتي هن وقت 173 انتهائي خطرناڪ قيدين سميت مجموعي طور 1,704 قيدي موجود آهن. هن ٻڌايو ته قيدين جي ملاقات لاءِ 8 بوٿ، اسپتال، اسڪول ۽ هينڊي ڪرافٽ مرڪز مڪمل طور فعال آهن ۽ سنڌ جيل مينوئل تحت سموريون سهولتون ڏنيون پيون وڃن.
ريجنل ڊائريڪٽر احمد علي قريشي قيدين جي فلاح، صحت، صفائي ۽ جائز شڪايتن جي ازالي لاءِ بروقت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. دوري جي پڄاڻيءَ تي هن نوجوان قيدين کي مقابلي جي امتحانن جي تياريءَ لاءِ ڪتاب ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ جيل جي احاطي ۾ يادگاري ٻوٽو پڻ پوکيو.