سنڌ جي وڏي وزير ۽ زراعت کاتي پاران ٻوڏ ۽ برساتن سبب متاثر ٿيل آبادگارن لاءِ اربين رپين جي خصوصي زرعي پئڪيج جو باضابطه اعلان ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ننڍن آبادگارن جا زرعي قرض معاف ڪيا ويندا ۽ انهن کي سستو ٻج ۽ ڀاڻ فراهم ڪيو ويندو.
تفصيل موجب سنڌ ۾ صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.