85

نيب قانون ۾ ترميم: راجا پرويز اشرف کي وڏو رليف ملي ويو

اسلام آباد : احتساب عدالت نيب قانون ۾ ترميم کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف خلاف 6 ريفرنس 7 سالن کان پوءِ نيب ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيا آهن اسلام آباد ۾ احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف خلاف 6 رينٽل پاور ريفرنس نيب ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيا آهن واپس ڪيل ريفرنس ۾ ريشمان، گلف سامونڊي نئون ديرو ڪارڪي ۽ ستيانه رينٽل پاور ريفرنس شامل آهن عدالت چيو ته نيب قانون ۾ ترميم کان پوءِ رينٽل پاور ڪيسز جو ٽرائل نٿو ٿي سگهي راجا پرويز اشرف 2000 ۾ پيپلز پارٽي جي اقتدار واري دور دوران ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪرائي جي بجلي گهرن جو منصوبو پيش ڪيو هو رينٽل پاور پراجيڪٽس ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن جون خبرون هيون ان حوالي سان راجا پرويز اشرف ۽ ٻين ماڻهن مٿان مختلف ريفرنس داخل ڪيا ويا هئا هلندڙ سال جي آخر ۾ احتساب عدالت راجا پرويز اشرف اڳوڻي سيڪريٽري شاهد رفيق ۽ طاهر بشارت چيمه خلاف نئون ديرو پاور پلانٽ ريفرنس کي ختم ڪري ڇڏيو هو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو