سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )اين ٽي ايس پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف علامتي بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري جي اڳواڻي واجد علي ڪولاچي، امداد گڏاڻي، ميرحسن ميمڻ، فياض مڱريو،

سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )اين ٽي ايس پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف علامتي بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري جي اڳواڻي واجد علي ڪولاچي، امداد گڏاڻي، ميرحسن ميمڻ، فياض مڱريو، قاسم علي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، هنن نعريبازي ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت تعليم دشمن پاليسيون جوڙي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي، 2013 ۾ اين ٽي ايس جهڙي ساکائتي اداري مان ماستري جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ پاس ڪري 60 کان 90 پلس تائين مارڪون حاصل ڪيون آهن ان باوجود 9 سال گذري ويا آهن پر آفر آرڊر ناهن ڏنا ويا، هنن چيو ته سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي طرفان اشتھار جاري ڪري 20000 پرائمري، جونئير ۽ ھاء اسڪول استاد ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن مان رڳو 12000 استاد ڀرتي ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ چار هزار ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، اسان عدالت ۾ پڻ پٽيشن داخل ڪرائي آهي جتان اسان جي حق ۾ فيصلو آيو آهي ان باوجود اسان کي آفر آرڊر نٿا ڏنا وڃن جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ ۽ کان پرزور مطالبو ڪيون ٿا ته اسان کي آفر آرڊر ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي.