ڪراچي: عدالتي حڪم تي گورنمينٽ دهلي اسڪول کي سيل ڪرڻ خلاف شاگردن، استادن ۽ والدين سخت احتجاج ڪيو. مظاهرين اسڪول کولڻ جو مطالبو ڪندي اسڪول جي ٻاهران ڌرڻو هنيو ۽ اسڪول نه کولڻ جي صورت ۾ روڊ تي ئي ڪلاسون لڳائڻ جو اعلان ڪيو.شاگرد پلي ڪارڊ کڻي روڊ تي بيٺا رهيا، جڏهن ته احتجاج دوران اسيمبلي پڻ ڪئي وئي. اسڪول جي پرنسپال علي خان جو چوڻ هو ته اسڪول ۾ 2800 کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جن ۾ لڳ ڀڳ 2100 شاگردياڻيون ۽ 700 شاگرد شامل آهن.پرنسپال موجب ايتري وڏي تعداد ۾ شاگردن کي ڪنهن ٻئي ويجهي اسڪول ۾ منتقل ڪرڻ ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته علائقي ۾ اهڙو ڪو وڏو اسڪول موجود ناهي، جتي سڀني ٻارن کي داخلا ڏئي سگهجي.بعد ۾ احتجاج ڪندڙ ٻار اسڪول جي مک دروازي وٽ پهتا ۽ تالو ٽوڙي اسڪول اندر داخل ٿي ويا.ٻئي طرف تعليم کاتي شاگردن کي ويجهن سرڪاري اسڪولن ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ منصوبابندي شروع ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته شاگردن، والدين ۽ استادن جو مطالبو آهي ته تاريخي گورنمينٽ دهلي اسڪول کي فوري طور کوليو وڃي، جيئن ٻارن جي تعليم متاثر نه ٿئي.واضح رهي ته عدالتي حڪم تحت اسڪول جي عمارت جو قبضو اولڊ بوائز ايسوسيئيشن حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.