سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ دنيا جي وڏي ٽيڪنالاجي ڪانفرنس ليپ 2026 جي پنجين ايڊيشن جي شروعات ٿي وئي آهي، وفاقي وزير آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن شزا فاطمه خواجا پاڪستان پيويلين جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
چار ڏينهن واري عالمي ٽيڪنالاجي تقريب ۾ دنيا جي مختلف ملڪن مان ٽيڪنالاجي ماهر، سيڙپڪار، اسٽارٽ اپس ۽ وڏين ٽيڪنالاجي ڪمپنين جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. ڪانفرنس ۾ 1800 کان وڌيڪ ٽيڪنالاجي برانڊز، 600 کان وڌيڪ اسٽارٽ اپس، 1900 سيڙپڪار ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ مقرر شرڪت ڪري رهيا آهن.
وفاقي وزير آءِ ٽي شزا فاطمه خواجا ليپ 2026 جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان پيويلين جو افتتاح ڪيو، جتي پاڪستاني ٽيڪنالاجي ڪمپنين جون جديد پراڊڪٽس، ڊجيٽل خدمتون ۽ مختلف آءِ ٽي سلوشنز عالمي شرڪت ڪندڙن آڏو پيش ڪيا پيا وڃن.
ليپ 2026 ۾ 20 پاڪستاني ٽيڪنالاجي ڪمپنيون خاص پيويلين ۾ شرڪت ڪري رهيون آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ 25 پاڪستاني اسٽارٽ اپس پڻ عالمي سيڙپڪارن ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين آڏو پنهنجون پراڊڪٽس ۽ خدمتون متعارف ڪرائي رهيا آهن.
پاڪستاني ڪمپنين ۽ اسٽارٽ اپس جي شرڪت جو مقصد عالمي ٽيڪنالاجي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي آءِ ٽي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، عالمي سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پاڪستاني ٽيڪنالاجي شعبي لاءِ نيون ڪاروباري ڀائيواريون قائم ڪرڻ آهي
