ڪراچي: ڪراچي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي ۽ سنڌو ديش جي خلاف گڏيل طور قرارداد منظور ڪئي وڃي. سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌو ديش جي ڳالهه ڪندڙن خلاف به ايوان گڏ ٿي واضح پيغام ڏئي. هن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف سڀ گڏجي قرارداد منظور ڪن ۽ سنڌ جي ورهاست ۽ سنڌو ديش ٻنهي خلاف واضح موقف اختيار ڪرڻو پوندو. ناصر حسين شاهه چيو ته اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ ۽ ڊيووليوشن بابت به گڏجي قرارداد آندي وڃي. هن چيو ته اچو ته گڏجي پيغام ڏيون ته سنڌ جي معاملي تي اسان سڀ هڪ آهيون. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وحدت، پاڪستان ۽ ڀائيچاري لاءِ ايوان کي متحد ٿي واضح پيغام ڏيڻ گهرجي.
