سنڌ حڪومت جو مڪاني نظام ۾ وڏين تبديلين تي غور، بلدياتي چونڊن بابت اهم فيصلو

ڪراچي: ڪراچي سنڌ حڪومت مڪاني نظام ۾ وڏين تبديلين تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته بلدياتي چونڊن بابت پڻ اهم فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ بلدياتي ڪائونسلن کي مضبوط بڻائڻ، خدمتون بهتر ڪرڻ ۽ ادارن جي ڪارڪردگي ۽ احتساب کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ تي غور ڪيو ويو. تجويز ڪيل ترميمن تحت ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جا اختيار ۽ ذميواريون مقرر ڪيون وينديون، جڏهن ته مڪاني چونڊن جو عمل ڪائونسل جو مدو ختم ٿيڻ کان 120 ڏينهن اڳ شروع ڪرڻ لازمي هوندو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن مدو پورو ٿيڻ تائين نيون چونڊون نه ٿيون ته رٽائر ٿيندڙ ميئر يا چيئرمين ايڊمنسٽريٽر طور ذميواريون سنڀاليندو ۽ نئين چونڊيل نمائندي جي عهدو سنڀالڻ تائين ڪم جاري رکندو. تجويز ۾ ڊپٽي ميئر يا وائيس چيئرمين کي لاڳاپيل ڪائونسل جو ڪنوينر مقرر ڪرڻ ۽ ڪراچي سميت مستقبل جي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنز جي چيف ايگزيڪيوٽو جو عهدو ميٽروپوليٽن ڪمشنر رکڻ پڻ شامل آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مڪاني نظام کي اثرائتو، جوابده ۽ فعال بڻائڻ لاءِ ادارا مضبوط ڪرڻ ضروري آهن. وڏي وزير ترميمن جو تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي، جنهن ۾ شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ضياءُ الحسن لنجار، نجمي عالم ۽ سليم بلوچ شامل آهن. ڪميٽي ترميمن بابت سفارشون سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڏيندي.