بلوچستان جي وزير عبدالرحمان کيتران تي قيد ڪرڻ جو الزام هڻندڙ عورت ۽ سندس پٽن جا لاش هٿ

ڪوئٽه: بلوچستان جي ضلعي بارڪهان جي علائقي حاجي ڪوٽ ويجهو کوهه مان عورت سميت ٽن ڄڻن جا لاش هٿ اچڻ جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا آهن.سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ موجود عورت مبينه طور تي هاڻ مارجي چڪي آهي ۽ ان جو لاش کوهه مان مليو آهي. وڊيو ۾ گران ناز نالي عورت قرآن پاڪ هٿن ۾ کڻي دانهيندي نجي جيل مان آزاد ڪرڻ لاءِ منٿون ڪندي رهي. هن چيو ته مان ڌيءَ ۽ پٽن سميت قيد آهيان مون کي آزاد ڪيو وڃي. وڊيو ۾ عورت رب جو قسم کڻندي الزام هڻي ٿي ته صوبائي وزير سردار عبدالرحمان کيتران اسان کي کي جيل ۾ قيد ڪيو آهي منهنجي ڌيءَ سان هو روز زيادتي ڪري رهيو آهي. منهنجي پٽن کي به قيد ڪيو ويو آهي. اسان کي ڪير آزاد ڪرائي.اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ٿيڻ کان پوءِ عورت ۽ سندس ٻن پٽن جا تشدد ٿيل لاش بارکهان جي کوهه مان هٿ آيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي ڄڻن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته عورت جي چهري تي تيزاب پڻ هاريو ويو آهي.مقتولا عورت جي مڙس خان محمد مري نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مان زندگي بچائڻ لاءِ روپوش آهيان کوهه مان ملندڙ لاش منهنجي زال ۽ پٽن جا آهن اڃان به منهنجا 4 پٽ ۽ هڪ ڌيءَ عبدالرحمان کهيتران وٽ قيد آهن. ٻئي پاسي ڪوهلو پوليس لاش ملڻ باوجود نه ايف آءِ آر ڪاٽي آهي نه ئي ميڊيڪل ڪرايو. جڏهن ته مقتولن جي جنازي نماز مقامي مري قبيلي طرفان ادا ڪئي وئي آهي.ان حوالي سان بلوچستان جي سُڌ سماءُ واري وزير عبدالرحمان کهيتران 3 ڄڻن جي قتل ۽ نجي جيل جي الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته اهڙو الزام منهنجي ساک کي نقصان پهچائڻ جي سازش آهي.عبدالرحمان کهيتران چيو ته منهنجي گهر تي گذريل حڪومت جي دور ۾ تلاشي ورتي وئي. جيل هجي ها ته خبر پئجي وڃي ها جيڪڏهن اڃان به ڪنهن کي شڪ آهي ته منهنجي گهر ۾ اچي ڏسي سگهي ٿو هن وڌيڪ چيو ته مون کي علاقائي سياست جي حق کان محروم رکڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪجهه ماڻهو علائقي جو امن خراب ڪرڻ جي لاءِ منهنجي خلاف سازش ڪري رهيا آهن. مون کي بدنام ڪرڻ جي سازش خلاف عدالت سان رابطو ڪندس.