آمريڪا جا ايران تي ڪيترائي فضائي حملا، پاسداران انقلاب جا ٺڪاڻا تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

واشنگٽن/تهران: آمريڪا پاران آبنائي هرمز ۾ تجارتي جهازن تي ٿيندڙ حملن جي جواب ۾ ايران ۾ پاسداران انقلاب جي عسڪري ٺڪاڻن تي نوان فضائي حملا ڪيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال وڌيڪ شدت اختيار ڪري وئي آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ ادارن موجب، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني پاسداران انقلاب پاران تجارتي جهازن ۽ خطي ۾ موجود آمريڪي فوجين تي حملن جي ڪوششن جي جواب ۾ هيءَ نئين عسڪري ڪارروائي ڪئي وئي آهي. آمريڪي فوج ايران ۾ اسلامي پاسداران انقلاب جي قشم ۽ بندر عباس ۾ قائم اهم مرڪزن کي نشانو بڻائي کين سخت نقصان پهچايو آهي.

ٻئي طرف، ايران جي سرڪاري ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو آهي ته آبنائي هرمز جي اترئين حصي ۾ واقع قشم ٻيٽ تي زوردار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن، جڏهن ته بندر عباس ۽ خليج عمان جي ساحل تي واقع اهم بندرگاهه چابهار ۾ پڻ ڌماڪن جا اطلاع مليا آهن. اڃا تائين انهن حملن ۾ ٿيندڙ جاني يا مالي نقصان جا تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن.