”آمريڪا جهازن کي ڪوڙيون ضمانتون ڏئي رهيو آهي، هرمز جي پيچري تي اسان جو قبضو آهي“: ايران

تهران: ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف چيو آهي ته آمريڪا خطي مان گذرندڙ بحري جهازن کي ڪوڙيون ۽ غلط ضمانتون ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته هرمز جي پيچري (آبنائي هرمز) تي مڪمل طور تي ايران جو ڪنٽرول آهي. هن چيو ته آمريڪي ضمانتن جي ڪا به حيثيت ناهي ۽ ايران پنهنجي سامونڊي حدن جي حفاظت ڪرڻ چڱي ريت ڄاڻي ٿو.

باقر قاليباف عالمي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪو به جهاز آمريڪي ضمانتن تي ڀروسو ڪري هن اهم سامونڊي رستي تان گذرڻ جي ڪوشش ڪندو، ان کي نشانو بڻايو ويندو. هن واضح ڪيو ته خطي ۾ امن امان ۽ سلامتي جي ذميواري رڳو مقامي ملڪن جي آهي ۽ ڪنهن به ٻاهرين طاقت کي هتي مداخلت جي اجازت نه ڏني ويندي.

ايراني اسپيڪر جو هي بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جنهن ۾ خليج واري علائقي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي. آمريڪا پاران گذريل ڪجهه وقت کان بحري جهازن جي سيڪيورٽي لاءِ اضافي فوجي دستا ۽ جنگي جهاز مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن تي ايران سخت اعتراض اٿاريا آهن ۽ ان کي خطي جي امن لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي.