اسلام آباد: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو پيو وڃي، جيڪو ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جي ڪاميابي جو واضح ثبوت آهي.
اسحاق ڊار ميڊيا سان ڳالهائيندي انڪشا�� ڪيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ جو وقار ٻاهرين دنيا ۾ وڌيو آهي. هن وقت وزيراعظم کي سڄي دنيا مان ايتريون گهڻيون دعوتون ملي رهيون آهن جو انهن مان چونڊ ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي. هيءَ صورتحال ظاهر ڪري ٿي ته عالمي برادري پاڪستان سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪيتري اتساهه سان اڳتي وڌي رهي آهي.
پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته برطانيه سان اقتصادي ۽ تجارتي لاڳاپن کي نئين رخ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي وڌائڻ سان گڏوگڏ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ويندو، جنهن سان ملڪي معيشت تي هاڪاري اثر پوندا.