ماسڪو: روسي صدر ولاديمير پوتن آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحاڻي پاليسين خلاف ايران سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي کليل حمايت جو اعلان ڪيو آهي. روسي صدر جو چوڻ آهي ته سندس ملڪ هر ڏکي گهڙي ۾ ايران سان گڏ بيٺو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
روسي صدر ايران سان اقتصادي، تجارتي ۽ دفاعي شعبن ۾ سهڪار جاري رکڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن خلاف اولهه جي پابندين جي باوجود گڏيل واپار کي نئين بلندي تي پهچايو ويندو. هن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل پاران وچ اوڀر ۾ پيدا ڪيل تڪرار خطي جي امن لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ ايران جو موقف ساراهڻ جوڳو آهي.
عالمي سياسي تجزيه نگارن موجب، روس جو هي کليل اعلان وچ اوڀر جي صورتحال ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿيندو، جنهن سان خطي ۾ نوان اتحاد سامهون اچي سگهن ٿا. روس ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ ويجهڙائي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي سگهي ٿي.