15 ڏينهن جي ويزا تي 33 سالن تائين جاپان ۾ رهندڙ شخص گرفتار، پوليس کي ڪيئن چڪمو ڏنائين؟

ٽوڪيو: جاپان ۾ هڪ حيرت انگيز واقعو سامهون آيو آهي، جتي پوليس هڪ اهڙي پرڏيهي شهري کي گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪو صرف 15 ڏينهن جي ويزا تي آيو هو پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي چڪمو ڏئي گذريل 33 سالن کان غير قانوني طور اتي رهي رهيو هو. جوابدار 1993ع ۾ پنهنجي ڀاءُ جي ويزا تي جاپان پهتو هو ۽ ان وقت کان وٺي هو پوليس جي نظرن کان بچي روپوش زندگي گذاري رهيو هو.

جاپاني ميڊيا جي رپورٽن مطابق، گرفتار ٿيل شخص پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪيا ۽ ڪڏهن به ڪنهن سرڪاري يا قانوني دستاويز ۾ پنهنجو اصل نالو ظاهر نه ڪيو. هو مختلف شهرن ۾ ساديون نوڪريون ڪندو رهيو ۽ پنهنجي رهائشگاهه به مسلسل تبديل ڪندو رهيو ته جيئن پوليس يا اميگريشن اختيارين کي مٿس ڪو شڪ نه پوي. هن پنهنجي ڀاءُ جي دستاويزن جو پڻ غلط استعمال ڪيو ته جيئن قانون جي گرفت کان بچي سگهي.

جاپان جي اميگريشن اختيارين ۽ مقامي پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي نيٺ ان شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف ويزا قانون جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ غير قانوني رهائش اختيار ڪرڻ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ کيس قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد جلد ئي سندس ملڪ واپس موڪليو ويندو. هن حيرت انگيز واقعي جاپاني سيڪيورٽي ۽ اميگر��شن سسٽم جي ڪارڪردگي تي پڻ ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.