پاڪستان پاران آمريڪي ڊالر بينچ مارڪ يورو بانڊ جاري ڪرڻ جو عمل شروع

اسلام آباد: پاڪستاني حڪومت ملڪي معيشت کي مظبوط ڪرڻ ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ جي سلسلي ۾ هڪ اهم قدم کڻندي آمريڪي ڊالر بينچ مارڪ يورو بانڊ جاري ڪرڻ جو باضابطه عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. وزارت خزانه جي ذريعن موجب هن ناڻين قدم جو مقصد بين الاقوامي مالياتي منڊين ۾ ملڪ جي پوزيشن کي بهتر بڻائڻ آهي.

وزارت خزانه جي اختيارين جو چوڻ آهي ته نوان يورو بانڊز بين الاقوامي مارکیٽ جي موجوده حالتن سان مشروط هوندا. مارڪيٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي يورو بانڊز جو حتمی اجرا عمل ۾ آندو ويندو، جنهن لاءِ عالمي مالي ماهرن سان پڻ صلاح مشورا جاري آهن.

اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن قدم سان حڪومت کي پرڏيهي قرضن جي ادائيگي ۽ ناڻي جي مٽاسٽا جي مارڪيٽ ۾ استحڪام آڻڻ ۾ وڏي مدد ملندي. يورو بانڊز جي ذريعي پرڏيهي سرمائيڪارن جو اعتماد پڻ بحال ٿيندو.