واشنگٽن: آمريڪا ۾ شاگرد سان جنسي ڏاڍائي ۽ سندس اعتراض جوڳيون وڊيوز ٺاهڻ جي ثابت ٿيڻ تي هڪ خاتون استاد کي 15 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. عدالت هن ڪيس ۾ جوابدار عورت خلاف سخت قدم کڻندي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي آهي.
عدالت جي فيصلي موجب قيد جي سزا سان گڏوگڏ جوابدار استاد تي 15 هزار آمريڪي ڊالرن ��و ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي. عدالت طرفان جاري ڪيل حڪمن ۾ اهو پڻ واضح ڪيو ويو آهي ته سزا پوري ٿيڻ کانپوءِ به کيس 10 سالن تائين سخت پوليس نگراني هيٺ رهڻو پوندو.
اهڙا واقعا تعليمي ادارن جي ماحول تي گہرے اثر ڇڏيندا آهن، جنهن کانپوءِ سماجي حلقن ۽ والدين طرفان سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. اختيارين جو چوڻ آهي ته معصوم ٻارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهڙن ڪيسن ۾ بنا ڪنهن رعايت جي قانون تي عمل ڪيو ويندو.