ڪراچي ۾ انوکي ڌاڙه؛ روڪ رقم نه ملڻ تي ڌاڙيل لکين روپين جو ڪپڙو لٽي فرار

ڪراچي: سنڌ جي ضلعي ڪراچي جي علائقي ۾ هڪ انوکي ڌاڙه جو واقعو سامهون آيو آهي، جتي هٿياربند دڪان تي ڌاڙو هڻڻ پهتا پر روڪ رقم هٿ نه اچڻ تي هنن دڪان تان لکين روپين جو قيمتي ڪپڙو چوري ڪري ورتو ۽ آساني سان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس ذريعن موجب واردات دوران جوابدارن پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ جي لاءِ پوريءَ طرح تيار ٿي آي�� هئا ۽ هنن پنهنجن چهرن تي هيلمٽ، ڪيپ ۽ ماسڪ جو استعمال ڪيو هو، جنهن ڪري سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۾ به سندن اصل چهرا سڃاڻپ ۾ ناهن اچي سگهيا.

متاثر دڪاندار جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن دڪان اندر داخل ٿيندي ئي کيس يرغمال بڻايو ۽ روڪ رقم جو مطالبع ڪيو، پر دڪان تي روڪ ڪيش موجود نه هجڻ جي خفگي ۾ جوابدارن دڪان تان مهانگي ڪپڙي جا ٿان ۽ سلائي ٿيل سوٽ پنهنجي والاري ۾ کڻي فرار ٿي ويا.

پوليس واقع جو ڪيس داخل ڪري سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي، جڏهن ته علائقي جي تاجرز ۽ شهرين پوليس کان گهرس ڪئي آهي ته اهڙن واقعن تي ضابطو آندو وڃي ۽ رات جي وقت گشت وڌايو وڃي.