اسلام آباد: ملڪ ۾ انڪم ٽيڪس جي معاملن کي جلد حل ڪرڻ ۽ ٽيڪس تنازعات جي خاتمي لاءِ ضابطن ۾ نين ترميمن تي ڪم تيز ڪيو ويو آهي، جنهن تحت نئين حڪمت عملي سامهون آئي آهي.
تجويز ڪيل نين ترميمن موجب ٽيڪس تنازعات جي حل لاءِ رٽائرڊ ججن جي نالن سان گڏ درخواست جمع ڪرائڻ لازمي قرار ڏني ويندي، جڏهن ته ان عمل ۾ شامل ميمبرن ۽ آفيسرن کي سهولتون ڏيڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪس تڪرارن کي منهن ڏيندڙ ۽ انهن جو حل ڪندڙ آفيسرن ۽ ميمبرن کي 5 لک روپين تائين جو الاائونس ڏنو ويندو، ان سان گڏوگڏ انهن کي سفري ۽ روزمره جا خرچ (يوميه الاائونس) پڻ مهيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.