عمران خان ۽ پرويز الاهي جي ملاقات اڄ ٿيندي، ق ليگ پي ٽي آءِ ۾ ضم ٿيڻ جا امڪان

اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ ق کي پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪرڻ جي حوالي سان عمران خان ۽ پرويز الاهي جي اهم ملاقات اڄ ٿيندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ مسلم ليگ ق پنجاب جي صدر پرويز الاهي جي اهم ملاقات اڄ ٿيندي.ذريعن ٻڌايو آهي ته ملاقات ۾ مسلم ليگ ق کي پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪرڻ جي حوالي سان اهم فيصلي جو امڪان آهي.ذريعن اهو به ٻڌايو ته ق ليگ جي اڳوڻي پارلياماني پارٽي پرويز الاهي کي حتمي فيصلي جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي.