پاڪستاني نوجوان پنهنجي مدد پاڻ تحت هوائي جهاز تيار ڪري ورتو

باجوڙ: ملڪ اندر لڪيل صلاحيتن جو اظهار ڪندي هڪ باصلاحيت پاڪستاني نوجوان پنهنجي مدد آپ تحت هڪ منفرد هوائي جهاز تيار ڪري ورتو آهي، جنهن سڄي ملڪ ۾ واکاڻ حاصل ڪئي آهي. هي ڪارنامو نوجون جي فني مهارت ۽ لگن جو زنده مثال آهي، جنهن محدود وسيلن هوندي به پنهنجي خواب کي حقيقت جو روپ ڏنو آهي.

صوبائي حڪومت جي لاڳاپيل اختيارين نوجوان جي ه�� عظيم ڪارنامي جو نوٽيس وٺندي واعدو ڪيو آهي ته 6 سيپٽمبر تي باجوڙ اسپورٹس ڪمپليڪس ۾ هن جهاز جو آزمائشي مظاهرو ڪيو ويندو. ڪامياب آزمائش بعد کيس هن جهاز کي اڏائڻ جي باضابطه اجازت ڏني ويندي.

هن عزم ۽ همت واري قدم سان علائقي جي نوجوانن ۾ نئون جوش پيدا ٿيو آهي. مقامي ماڻهن ۽ شاهدن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اهڙن ذهين نوجوانن جي سرپرستي ڪئي وڃي ته جيئن اهي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ترقي آڻي سگهن.