ڪراچي: ملڪ ۾ شعبان المعظم 1444 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو.مرڪزي چنڊ ڏسڻ واري ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته ملڪ ۾ شعبان جو چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون مليون، جنهن کانپوءِ پهرئين شعبان المعظم سڀاڻي 22 فيبروري اربع تي ٿيندي.رويت هلال ڪميٽي موجب شب برات 7 ۽ 8 مارچ جي وچ واري رات تي ٿيندي.مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد جي اعلان موجب وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.