پنڊي ٻڏي ويو، مراد شاهه ۽ ناصر شاهه استعيفا ڏين: سهيل سيال

پنڊي ٻڏي ويو، مراد شاهه ۽ ناصر شاهه استعيفا ڏين: سهيل سيال

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سهيل انور سيال سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ طنزيہ انداز ۾ چيو ته سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ بلديات جو وزير ناصر شاهه استعيفا ڏين ڇاڪاڻ ته اتي پنڊي ٻڏي ويو آهي. سندس ان چٿر تي ايوان ۾ ٽهڪڙا مچي ويا ۽ ماحول خوشگوار ٿي ويو.

اجلاس دوران صوبائي وزير شرجيل انعام م��مڻ پڻ سهيل انور سيال جي تقرير تي مختلف ڀوڳ ڪندو رهيو، جنهن تي اسيمبلي ۾ وڌيڪ ٽهڪڙا گونجندا رهيا. صورتحال کي قابو ۾ آڻڻ لاءِ اسپيڪر شرجيل ميمڻ کي اهڙين چرچائن کان روڪي ڇڏيو، پر ايوان ۾ سياسي لطيفن جو سلسلو ڪجھ دير تائين جاري رهيو.

سهيل انور سيال وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سنڌ واحد صوبو آهي جنهن وٽ پنهنجو مضبوط مڪاني نظام ۽ عوامي نمائندگي موجود آهي. هن زور ڏيندي چيو ته سنڌ ڪڏهن به نه ٽٽندي، سنڌ آهي ته پاڪستان آهي ۽ اسان سڀني جو جيئڻ مرڻ پنهنجي سنڌ ماءَ سان گڏ آهي.