ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٽئين ڏينهن پڻ انتظامي يونٽن ۽ صوبي جي صورتحال تي بحث جاري رهيو، جتي متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي ميمبرن سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت ڪندي نون انتظامي يونٽن جو مطالبو ورجايو آهي. اجلاس دوران ايم ڪيو ايم اڳواڻن جو چوڻ هو ته نون انتظامي يونٽن جو مقصد سنڌ کي ٽوڙڻ هرگز ناهي، پر وڌندڙ آباديءَ جي پس منظر ۾ انتظامي بهتري آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
بحث ۾ حصو وٺंदي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن قرت العين، فرحان انصاري ۽ جمال احمد چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ جي وڌندڙ آباديءَ کي بهتر شهري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ انتظامي يونٽن تي سنجيدگيءَ سان غور ٿيڻ گهرجي. هنن گذريل اڍائي سالن دوران تعليم، انفراسٽرڪچر، روڊن جي تباهي، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ منشيات جي وڌندڙ روڪٿام ۾ ناڪامي تي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته ڪراچي جو ڊوميسائيل رکندڙ مقامي ماڻهن کي پوليس سميت ٻين سرڪاري شعبن ۾ ترجيحي بنيادن تي نوڪريون ڏنيون وڃن.
اجلاس دوران ايم ڪيو ايم ميمبر رعنا شوڪت پنهنجي خطاب ۾ تاريخي حوالا پيش ڪندي چيو ته جنرل مشرف جي دور ۾ ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي اختيار ڏنا ويا هئا، تڏهن به سنڌ نه ورهايل هئي ۽ هاڻي به ڪو سنڌ کي نٿو ورهائي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته سن�� ۾ جيڪو به آيو اهو سنڌي آهي، ۽ سنڌ ڪٿي به نه پئي وڃي، جڏهن به سنڌ جي مفادن جي ڳالهه ايندي ته هو هر قدم تي سنڌ سان گڏ بيٺل هوندا.
