لاهور/ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ باؤلر ۽ مئنيجمينٽ سان لاڳاپيل عاقب جاويد قومي بيٽسمين امام الحق جي فٽنيس ۽ انجري جي حوالي سان سخت سوال اٿاري ڇڏيا آهن. هن چيو آهي ته ڪرڪيٽرن کي پنهنجي فٽنيس بابت مڪمل طور تي شفاف هجڻ گهرجي ۽ هر اهم موڙ تي بورڊ يا مداحن کي صحيح صورتحال کان آگاهه ڪرڻ انهن جي ذميواري آهي.
عاقب جاويد جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ميچ دوران ڪنهن رانديگر کي انجري ٿئي ٿي ته ان جي مڪمل طبي رپورٽ سامهون اچڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به قسم جو شڪ يا ابهام نه رهي. سندس موجب، جيڪڏهن اها انجري صرف هڪ ڊرامو هئي يا پوءِ حقيقت هئي، ان بابت امام الحق کي پاڻ سامهون اچي ڪري سڀني آڏو وضاحت ڏيڻ گهرجي.
قومي ڪرڪيٽرن جي فٽنيس جي معاملي تي تازو وقتن ۾ ڪافي بحث ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ چيف سليڪٽر ۽ ڪوچز پڻ سخت موقف اختيار ڪيو آهي. عاقب جاويد جو هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (PCB) رانديگرن جي فٽنيس معيار کي وڌيڪ سخت بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
