اسلام آباد: بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته نواز شريف کي ڊاڪٽرن اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جيڪڏهن هو هاڻي پاڪستان اچي ٿو ته ن ليگ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان جي سياست کي نواز شريف جي ضرورت آهي، ايندڙ اليڪشن ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پارٽي ملي ڪري پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي پليٽ فارم تان وڙهڻ چاهين ٿيون.هن چيو ته هو عمران خان سميت ڪنهن به سياستدان کي جيل ۾ وجهڻ ۽ نااهل ڪرائڻ جو خواهشمند ناهي، عمران دور جو انٽرنيشنل مانيٽري فند (آءِ ايم ايف) سان ڪيل معاهدو سامهون آڻڻ گهرجي.