ڪراچي/حب: بلوچستان جي ساحلي علائقي گڏاڻي ۾ شپ بريڪنگ (شپ ريسائيڪلنگ) انڊسٽري کي جديد خطن تي استوار ڪرڻ ۽ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ 12 ارب رپين جي وڏي سيڙپڪاري سان هڪ اهم ترقياتي منصوبو شروع ڪيو ويو آهي. هن منصوبي جو بنيادي مقصد گڏاڻي شپ بريڪنگ يارڊ کي عالمي معيار جي مطابق بڻائڻ ۽ اتي ڪم ڪندڙ مزدورن جي حفاظت کي يقيني ڻائڻ آهي.
ذريعن موجب، هن 12 ارب رپين جي منصوبي تحت گڏاڻي يارڊ ۾ جديد مشينري، ماحول دوست ٽيڪنالاجي ۽ فضلي کي محفوظ طريقي سان تلف ڪرڻ جا پلانٽ لڳايا ويندا. ان کان علاوه، هتي ڪم ڪندڙ هزارين مزدورن لاءِ صحت، تعليم ۽ هنگامي طبي امداد جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ جديد اسپتال ۽ ٽريننگ سينٽر پڻ قائم ڪيو ويندو، جنهن سان مقامي معيشت کي وڏو هٿي ملندي.
صنعتي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان جي شپ ريسائيڪلنگ انڊسٽري عالمي سطح تي پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪري سگهندي. ماحولياتي تحفظ جي عالمي معاهدن، خاص طور تي هانگ ڪانگ ڪنوينشن جي اصولن تي عملدرآمد سان گڏاڻي ۾ وڏن بحري جهازن جي آمد ۾ اضافو ٿيندو، جنهن سان ملڪ کي وڏي پيماني تي پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو.
