اسلام آباد: پاڪستان عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ ڪامياب واپسي ڪندي يوروبانڊز (Eurobonds) جي ذريعي 3 ارب آمريڪي ڊالر گڏ ڪري ورتا آهن. وفاقي وزارت خزانه جي ذريعن موجب، عالمي سيڙپڪارن پاران پاڪستاني بانڊز ۾ وڏي دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو آهي، جنهن سان ملڪي معيشت کي وڏو اتساهه ملندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ نمايان اضافو ٿيند.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران 5، 10 ۽ 30 سالن جي مدت وارن يوروبانڊز لاءِ عالمي مارڪيٽ ۾ آڇ ڪئي وئي هئي. انهن بانڊز لاءِ عالمي سيڙپڪارن پاران گهربل رقم کان ڪيتريائي ڀيرا وڌيڪ يعني لڳ ڀڳ 24 ارب ڊالرن جون ٻوليون لڳايون ويون، جيڪو پاڪستاني معيشت تي عالمي برادري جي وڌندڙ اعتماد جو چٽو ثبوت آهي.
اقتصاديات جي ماهرن موجب، هن ڪامياب مالي معاهدي سان پاڪستان جي روپئي جي قدر کي استحڪام ملندو ۽ ملڪي بئنڪنگ نظام ۾ بهتري ايندي. هيءَ اها پهرين وڏي مالي ڪاميابي آهي جيڪا پاڪستان کي عالمي مالياتي فنڊ (IMF) سان پروگرام جي جاري رهڻ دوران حاصل ٿي آهي، جنهن سان ملڪي ترقيءَ جي نئين دور جي شروعات ٿيندي.
