مانسهره/بالاڪوٽ: خيبرپختونخوا جي ضلعي مانسهره ۾ واقع 4 هزار ميٽر اوچي تاريخي ۽ ڏکي چوٽي ”موسيٰ جو مصليٰ“ تي ”پهرين ڪير ٿو پهچي“ جي ريس لڳائيندڙ آئرش شهري جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي. مقامي انتظاميه ۽ امدادي ٽيمن گڏيل ڪوششن کانپوءِ لاش کي هٿ ڪري ويجهي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جتي ضروري قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب، آئرلينڊ سان تعلق رکندڙ سياح پنهنجي ساٿين سان گڏ هن ڏکي جبل تي چڙهڻ دوران هڪ ٻئي سان اڳتي نڪرڻ جي شرط رکي هئي. ريس دوران تيز رفتاري ۽ موسم جي سختي سبب هو پنهنجي ساٿين کان وڇڙي ويو ۽ گهري کاهيءَ ۾ ڪري پيو. سندس ساٿين پاران انتظاميه کي اطلاع ڏيڻ تي فوري طور تي سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو هو.
علائقي جي انتظاميه جو چوڻ آهي ته موسيٰ جو مصليٰ چوٽي پنهنجي خطرناڪ رستن ۽ سخت موسم جي ڪري مشهور آهي، جتي بنا ڪنهن گائيڊ يا حفاظتي انتظامن جي چڙهڻ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي. آئرش سياح جي لاش کي ضابطي جي ڪارروائي کانپوءِ اسلام آباد ۾ قائم آئرلينڊ جي سفارتخاني حوالي ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن ته جيئن مڙهه کي سندس اباڻي وطن روانو ڪري سگهجي.
