لاهور/ڪراچي: انگلينڊ خلاف آخري ۽ فيصلي ڪندڙ ٽيسٽ ميچ لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪجهه اهم تبديليون ڪيون ويون آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (PCB) جي سليڪشن ڪميٽي پاران آخري ميچ لاءِ مضبوط رانديگرن کي ميدان ۾ لاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي.
هن ام اسڪواڊ ۾ قومي ٽيم جي تجربيڪار رانديگرن سان گڏ نوجوان ۽ باصلاحيت ڪرڪيٽرن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، اسپن بالنگ جي شعبي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ خاص طور تي پچ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسپنرز کي ترجيح ڏني وئي آهي، جڏهن ته بيٽنگ لائن ۾ پڻ اهم تبديليون ڪيون ويون آهن ته جيئن انگلينڊ جي مضبوط بالنگ لائن جو مقابلو ڪري سگهجي.
هيءَ ٽيسٽ ميچ ٻنهي ٽيمن لاءِ انتهائي اهميت واري آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ ميچ سيريز جي هار جيت جو فيصلو ڪندي. ڪرڪيٽ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته نئين اسڪواڊ جي چونڊ پچ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي ۽ اميد آهي ته پاڪستاني ٽيم هوم گرائونڊ تي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي انگلينڊ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ويندي.
