لاهور: پنجاب جي گاديءَ واري شهر لاهور ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي تصويرن ذريعي بليڪ ميل ڪري هڪ شاگردياڻي سان جنسي زيادتي ڪندڙ وحشي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب جوابدار گذريل ڪيترن ئي مهينن کان معصوم شاگردياڻي کي هراسان ڪري رهيو هو ۽ کيس بدنام ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي پنهنجي هوس جو نشانو بڻائي رهيو هو.
متاثرہ شاگردياڻي جي والدين پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر (FIR) کانپوءِ پوليس فوري طور تي تحرڪ ۾ ايندي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان جوابدار کي ڳولي لڌو ۽ کيس گرفتار ڪري ورتو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار جي قبضي مان موبائل فون ۽ ٻيو مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ متاثرہ جون تصويرون ۽ وڊيوز موجود هيون.
پوليس ترجمان موجب جوابدار خلاف سخت قانوني قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ته جيئن جوابدار کي عدالت مان سخت کان سخت سزا ڏياري سگهجي. پوليس اختيارين شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهڙي ڪنهن به بليڪ ميلنگ جي صورت ۾ فوري طور تي پوليس سان رابطو ڪن ته جيئن جوابدارن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سگهجي.
