(رپورٽ: نزاڪت – اي ڊي اين نيوز): سکر سائيٽ एरिया جي ويجهو الله آباد ڪالوني جو رهواسي بشير احمد شيخ پنهنجي لاپتا پٽ آفتاب احمد جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪندي ٻڌايو آهي ته سندس پٽ چار مهينا اڳ ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ ٻاهر وڃڻ جو چئي گهر مان نڪتو هو، جيڪو واپس نه پهتو.
متاثر پيءُ موجب سندس پٽ جي گمشدگي بعد قريبي رشتہ دارن، دوستن ۽ مختلف هنڌن تي ڏاڍي تلاش ڪئي وئي پر ڪٿان به ڪو ڏتو يا پتو نه پئجي سگهيو، جنهن ڪري سمورن گهر وارن ۾ سخت بيچيني، ڏک ۽ مايوسي واري صورتحال ڦهليل آهي.
بشير احمد شيخ جو چوڻ هو ته نوجوان پٽ جي گمشدگي بابت مقامي سائيٽ ٿاڻي جي پوليس کي به باقاعده اطلاع ڏنو ويو هو، جتي اين سي داخل ڪرڻ باوجود پوليس عملدارن پاران آفتاب احمد جي بحالي ۽ ڳولا لاءِ ڪي به موثر قدم نه ٿا کليا وڃن، جنهن ڪري هن وس وارن کان انصاف جي گهر ڪئي آهي.
هن اعليٰ اختيارين بشمول ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان پرزور اپيل ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي سندس لاپتا پٽ جي جلد بازيابي کي يقيني بابايو وڃي ته جيئن سندس گهر وارن جو پريشاني وارو اذيتناڪ دور ختم ٿي سگهي.
