سکر ۾ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج داخلا ٽيسٽ 2026ع جي انتظامن بابت اهم اجلاس، سمورا انتظام شفاف بڻائڻ جي هدايت

(رپورٽ: نزاڪت – اي ڊي اين نيوز): سکر ڊويزن جي ضلعي ۾ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج داخلا ٽيسٽ 2026ع جي سلسلي ۾ سمورگي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس ڪمشنر آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي پنهنجي عهديدارن سان گڏ ڪئي، جنهن جو مقصد ايندڙ امتحاني عمل کي مڪمل طور تي شفاف، رامن ۽ منظم رکڻ هو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ويو ته هيءَ اهم ٽيسٽ اچڻ واري 20 سيپٽمبر 2026ع تي آءِ بي اي يونيورسٽي سکر ۾ منعقد ڪئي ويندي، جنهن لاءِ تياريون آخري مرحلي ۾ پهچي چڪيون آهن.

اجلاس دوران اميدوارن کي امتحان دوران گهربل سهولتون مهيا ڪرڻ، سخت سيڪيورٽي انتظام يقيني بڻائڻ، ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ ۽ بجليءَ سان گڏوگڏ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي تي پڻ تفصيلي بحث ڪيو ويو. ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي لاڳاپيل کاتن جي سمورن آفيسرن کي واضح هدايتون جاري ڪيون ته شاگردن توڙي سندس والدين کي ڪنهن به قسم جي تڪليف يا پريشاني کان بچائڻ خاطر سمورا ضروري قدم وقت سر مڪمل ڪيا وڃن. هن زور ڏنو ته امتحان دوران نظم و ضبط برقرار رکڻ سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.

وڌيڪ تفصيل ڏيندي ڪمشنر چيو ته امتحاني مرڪز تي شاگردن جي سهولت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چار واڪ ٿر گيٽ لڳايا وڃن ۽ گاڏين جي بيهارڻ لاءِ مرڪز کان مناسب فاصلي تي پارڪنگ جو پڻ خاص انتظام ڪيو وڃي، جنهن سان اميدوارن کي غير ضروري قطارن کان نجات ملندي. هن وڌيڪ چيو ته سکر لاءِ فخر جي ڳالهه آهي جو آءِ بي اي سکر جهڙو معتبر ادارو هيءَ قومي سطح جي ٽيسٽ منعقد ڪري رهيو آهي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي سمورن لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن پنهنجون ذميواريون پوري ايمانداري ۽ تنظيمي صلاحيت سان نبھائڻ جو پڪو ارادو ظاهر ڪيو.