ڪنڌڪوٽ 15 ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل ڳورھاري عورت نازيا بيبي کوسو ۽ سندس جي معصوم نياڻي ڪوثر کوسو کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي سندن جي بازيابي لاءِ کوسا برادري پاران انڊس ھاءِ وي گولا موڙ تي ٽائر ساڙي امداد کوسو، فرزانه کوسو، توفيق احمد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي م مردن، عورتن ۽ ٻارڙن ڌرڻو ھنيو ڌرڻي سبب سنڌ کان ٻين صوبن ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي مظاھرين پوليس انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائیندي چيو ته پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي رھي آھي ايس ايس پي مغوين جي بازيابي لاءِ صرف خالي آسرا ڏيئي رھيو آھي ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ ھاڻي عورتون به محفوظ نه آھن ھٿياربند ڏينھن ڏٺي جي ڳورھاري عورت کي معصوم نينگري سان گڏ اغوا ڪري ويا پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي ھتان جا چونڊيل نمائندا به مظلوم خاندان سان اظھاري ھمدردي ڪرڻ لڙي نه آيا مظاھرين جو چوڻ ھو ته جيستائین ڳورھاري عورت نازيا کوسو ۽ ان جي معصوم نينگري کي بازياب ڪرايو ويندو تيستائین اسان جو ھي ڌرڻو جاري رھندو