پنجاب جي مالياتي نظام ۾ وڏي پيماني تي بي قاعدگين جو انڪشاف

لاهور: پنجاب جي مالياتي نظام ۾ وڏي پيماني تي بي قاعدگين ۽ بدعنوانين جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن بعد سرڪاري سيڪٽر جي شفافيت تي سنگين سوال اُٿي ويا آهن. آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته مختلف سرڪاري کاتن ۽ ترقياتي منصوبن ۾ اربين روپين جون بي قاعدگيون، غير قانوني ادائيگيون ۽ بجيٽ جا غلط استعمال سامھون آيا آهن، جنهن سبب سرڪاري خزانن کي وڏو مال نقصان پهچايو ويو آهي.

ذريعن موجب، آڊيٽر جنرل جي جاري ڪيل نئين تفصيلي رپورٽ ۾ ظاهر ٿيو آهي ته پنجاب حڪومت جي ڪيترن ئي ادارن ۾ مالي ضابطن جي سخت خلاف ورزي ڪئي وئي. ڪيترن ئي شعبن پاران بغير ڪنهن باضابطه منظوريءَ جي فنڊ جاري ڪيا ويا، جڏهن ته ٽينڊرن ۽ خريدارين جي عمل ۾ شفافيت کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو. ان کان علاوه، غير قانوني الاؤنسن ۽ اضافي مراعاتن جي مد ۾ پڻ ڪروڙين روپيا غير قانوني طور ورهايا ويا آهن.

مالياتي ماهرن هن صورتحال تي گهري تشويش جو اظهار ڪندي معاملي جي اعليٰ سطحي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پنجاب جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پي اي سي (PAC) پاران لاڳاپيل کاتن جي سربراهن کي تفصيلي آڊٽ پئرا سميت طلب ڪيو ويو آهي. شفافيت ۽ احتساب جي ضابطن تحت ملوث عملدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي تاڪي عام جنتا جي وسيلن جي تحفظ ي يقيني بڻائي سگهجي.