اڄ اصلي ڪنگ سان ملي خوشي ٿي، برطانوي بادشاهه چارلس ۽ بابر اعظم جي ملاقات واري وڊيو وائرل

لنڊن: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم برطانوي بادشاهه ڪنگ چارلس سان ملاقات کانپوءِ انتهائي دلچسپ انداز ۾ سندس واکاڻ ڪئي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي ۽ مداحن طرفان ان تي ڀرپور مثبت ردعمل سامهون اچي رهيو آهي. برطانوي بادشاهه ڪلارنس هائوس ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ هڪ خاص آجياڻو ڏنو هو، جتي قومي ٽيم جي رانديگرن ۽ آفيسرن بادشاهه سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون.

ان باوقار تقريب دوران پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (PCB) جو چيئرمين محسن نقوي پڻ موجود هو. ملاقات جي دوران ڪنگ چارلس پاڪستاني رانديگرن جي راند کي ساراهيو ۽ کين اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهيو، جڏهن ته چيئرمين پي سي بي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پاڪستان ۾ امن امان ۽ خطي جي مجموعي استحڪام لاءِ حڪومت ۽ ادارن جي ڪوششن کي پڻ زبردست لفظن ۾ ساراهيو.

ملاقات کانپوءِ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم خوشگوار ۽ کلڻ مرڪڻ واري انداز ۾ چيو ته اڄ اصلي ڪنگ سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي. بابر اعظم جو اهو منفرد ۽ دلچسپ جملو انٽرنيٽ تي اچڻ شرط وائرل ٿي ويو جنهن کي ڪرڪيٽ مداحن طرفان بيحد پسند ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته دنيا بھر ۾ ڪرڪيٽ جا شوقين بابر اعظم کي پڻ پيار سان ڪنگ بابر جي لقب سان ڏيندا آهن.