اسلام آباد: وفاقي راڄڌاني جي پمز اسپتال ۾ پيش آءِ باهه جي خوفناڪ واقعي دوران پنهنجي جان خطري ۾ وجهي معصوم نومولود کي بچائيندڙ بهادر نرس جي شاندار ڪارنامي تي کيس قومي سطح تي ساراهيو ويو آهي. حڪومت طرفان هن عظيم همٿ ۽ فرض شناسي جو اعتراف ڪندي نرس کي ملڪي اعليٰ ترين ‘تمغه خدمت’ ڏيڻ سان گڏ هڪ ڪروڙ رپين جي نقد انعام و پڻ سرڪاري سطح تي اعلان ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته پمز اسپتال جي نارسنگ شعبي ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي هئي، جنهن سبب وارڊ ۾ سخت افراتفري پکڙجي وئي هئي ۽ هر طرف دنگل مچجي ويو هو. اهڙي نازڪ ۽ خطرناڪ صورتحال ۾ بهادر نرس بي خوف ٿي باهه جي لپيٽ ۾ آيل حصي ۾ پهتي ۽ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ اتان هڪ نومولود ٻارڙي کي محفوظ مقام تي منتقل ڪري سندس قيمتي جان بچائي ورتي هئي.
هن جرات مندانه قدم جي سڄي ملڪ ۾ زبردست تحسين ڪئي پئي وڃي ۽ سماجي توڙي سياسي شخصيتن طرفان نرس جي پيشه ورانه ايماندار ۽ انسانيت دوست جذبي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو پيو وڃي. اختيارين جو چوڻ آهي ته اهڙا فرض شناس ۽ بهادر ڪردار اسان جو اصل فخر آهن جيڪي هر قسم جي مشڪل حالتن ۾ انساني جانين جي حفاظت کي پنهنجو پهريون فرض سمجهن ٿا.
