ايل نينو جي شدت ۾ وڌاڌ: ٻوڏ، ڏُڪار ۽ شديد گرمي جو خطرو، گڏيل قومن پاران فوري قدم کڻڻ جي وارڻنگ

جنيوا: گڏيل قومن جي موسمياتي اداري خبردار ڪيو آهي ته ايل نينو لهر ايندڙ مهينن دوران انتهائي طاقتور ٿي ويندي، جنهن جي فيبروري تائين جاري رهڻ جو قوي امڪان آهي. هي فطري موسمياتي رجحان اڳ ئي گرم ٿيندڙ ڌرتيءَ جو گرمي پد ۽ موسم جي شدت کي وڌيڪ وڌائيندو، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ برساتن، هوائن ۽ هوا جي دٻاءَ جي نمونن ۾ وڏيون تبديليون اينديون.

عالمي موسمياتي تنظيم موجب موجوده ايل نينو مڪمل طور تي قائم ٿي چڪو آهي ۽ هن سال جي آخر تائين پنهنجي عروج تي پهچندو، جڏهن ته ان جا موسمي اثر 2027ع تائين جاري رهندا. هن خطرناڪ صورتحال جي نتيجي ۾ دنيا اندر ٻوڏ، ڏُڪار ۽ شديد گرمي جا خطرا تمام گهڻو وڌي ويا آهن، جنهن سبب عالمي معيشتون ۽ عام واهپو سخت متاثر ٿيندا.

گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريس چيو آهي ته سائنس ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڌرتي غيرمعمولي گرمي پد جي ور چڙهي چڪي آهي ۽ سامونڊي سطح جو گرمي پد مسلسل مٿي وڃي رهيو آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته وقت وڃائڻ جي ڪا به گنجائش ناهي، تنهنڪري زراعت، صحت، توانائي ۽ پاڻي جهڙن حساس شعبن کي ممڪن خطرن خلاف اڳواٽ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي.