پنجاب اسمبلي: عمران خان جي حقن جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي، بريگيڊيئر (ر) مشتاق احمد

لاهور: پنجاب اسمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ قانون سازن پاران اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي قيد ۽ سندس قانوني حقن بابت سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي بريگيڊيئر (ر) مشتاق احمد واضع لفظن ۾ چيو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي پاسداري کانسواءِ سياسي استحڪام ناممڪن آهي.

بريگيڊيئر (ر) مشتاق احمد پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سانجيل سلوڪ ۽ سندس بنيادي انساني حقن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هن زور ڏنو ته نظربندي دوران هر قيدي کي قانون ۽ ضابطن موجب سهولتون ملڻ گهرجن، پر هتي سياسي مقصدن تحت قاعدن کي پاسي تي رکيو پيو وڃي.

اسمبلي اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبرن پاران حڪومت خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته عمران خان سميت سڀني سياسي قيدين کي فوري طور تي قانوني ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اهو سلسلو نه روڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو سڄي ملڪ تائين وڌايو ويندو.