پمز اسپتال واقعو: وفاقي پوليس انکوائري مڪمل ڪري رپورٽ اعليٰ اختيارين حوالي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي پوليس پمز اسپتال ۾ پيش يل افسوسناڪ واقعي جي جاچ پوري ڪري ورتي آهي، جنهن بعد انکوائري رپورٽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين ڏانهن اماڻي وئي آهي. پوليس ترجمان موجب جاچ ڪميٽي واقعي جي سڀني رخن جو باريکيءَ سان جائزو ورتو ۽ سمورن لاڳاپيل پاسن کان ثبوت گڏ ڪيا آهن.

رپورٽ ۾ واقعي جي اصل محرڪن، ذموارن جي نشاندهي ۽ غفلت جي عنصرن کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته موصول ٿيل رپورٽ جي روشنيءَ ۾ قانوني قدم کذيا ويندا ۽ ڪنهن به قسم جي رع نه ڪئي ويندي تاڪه انصاف جي تقاضا پوري ٿي سگهي.

ياد رهي ته هن واقعي بعد عوام ۽ سماجي حلقن پاران سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ وفاقي حڪومت پاران شفاف جاچ جو حڪم ڏنو ويو هو. هاڻي رپورٽ سامهون اچڻ بعد ايندڙ ڏينهن ۾ اهم ضابطي جا قدم کذڻ جا امڪان روشن ٿي چڪا آهن.