سنڌ ۾ ايم پاڪس وائرس جو نئون خطرو، وڌيڪ 3 ڪيس رپورٽ

ڪراچي: سنڌ صوبي اندر موتمار وائرس ايم پاڪس هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو مٿو کڻڻ شروع ڪري ڏنو آهي، جنهن دوران صحت کاتي جي عملدارن تصديق ڪئي آهي ته صوبي اندر ايم پاڪس جا وڌيڪ 3 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ان خطرناڪ صورتحال سبب صحت جي ادارن اندر سخت ڳڻتي جي لهر ڊوڙي وئي آهي ۽ لاڳاپيل کاتن کي ايمرجنسي وارن حڪمن جاري ڪيا ويا آهن.

صحت کاتي جي ذريعن موجب ون متاثر ٿيندڙ مريضن ۾ وائرس جي هاڪاري تصديق بعد کهن فوري تي قرنطينه منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن طبي علاج جاري رکيو ويو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته متاثر مريضن جي ويجهن ساٿين ۽ گهرڀاتين جي پڻ اسڪريننگ شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن وائرس جي وڌيڪ پکيڙ کي بر وقت روڪي سگهجي.

حڪومت ۽ صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين هوائي اڏن ۽ سرحدي وارن رستن تي سخت نگراني وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڊاڪٽرن شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو حفاظتي تدبيرون اختيار ڪن ۽ ڪنهن به شڪي علامت ظاهر ٿيڻ تي فوري طور تي ويجھي اسپتال سان رابطو ڪن.